شيخ بو علي سينا

شيخ بو علي سينا

شيخ بو علي سينا

شيخ بو علي سينا (ڪتاب): مشهور فيلسوف شيخ بو علي سينا جي زندگي ۽ خدمتن تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور اديب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ بو علي سينا جي حياتي جو احوال ۽ سندس تصنيفن ۽ تاليف، شعر، مختلف ڪتابن جهڙوڪ: (1) بخارا ۾ لکيل ڪتاب، (2) جرجان ۾ جوڙيل ڪتاب، (3) همدان ۾ جوڙيل ڪتاب وغيره تي روشني وڌل آهي. 74 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب نئين سنڌي لائبريري سريز جي سلسلي جو 26هون ڪتاب آهي، جيڪو بلئوٽسڪي پريس، بنڌو آشرم حيدرآباد مان 1926ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ست آنا آهي.


لفظ شيخ بو علي سيناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو